شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب

شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب: شڪارپور جو هيءُ تاريخي ادارو ‘شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب’ جي نالي سان جواهرڪي بازار ۾ قائم ڪيو ويو. هن ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو 1910ع کان شروع ڪيو، جن ۾ سنڌ جي نامور شاعرن، اديبن، عالمن جي ڪتابن کانسواءِ سندس ڀاءُ پوڪر داس جي شايع ڪيل ڪتابن وارن قصن، داستانن، خطبن ۽ مولودن کان علاوه شعر و شاعريءَ جا ڪتاب پڻ شامل آهن. هن اداري مان شولداس جي ڇپايل مشهور ڪتابن ۾ قصو گل خندان (مسٽر شير محمد وارو)، قصو بيتال پچيس، راجا وڪرم، قصو مهاراڻي ڪسماوتي، دوست جي بيوفائيءَ جو قصو (1، 2، 3)، قصو دل بهار، طوطي مينا جو جهڳڙو، قصو عجيب چهچٽو، قصو اڪبر ۽ بيربل جو (ٻه حصا) قصو عمر مارئي ٽيهن راتين سان، قصو دودو چنيسر ٽن قسمن سان گڏ (زال مڙس، ڏير، ڀاڄائي ۽ سس، ننهن) شراب ۽ پاڻي جو جهيڙو، سامي جا سلوڪ (ٻه حصا)، انشاءَ سنڌي (جنهن ۾ ديواني، فوجداري درخواستون ۽ طرح طرح جا خط)، گيتا جو ارڙهون اڌياءُ، ڀاڳوت گيتا (وڏي)، بهار عشق، اندر سڀا ناٽڪ، ناٽڪ مها انڌير، گڏ ڏهه قصا، زليخا بيت ۽ ڏوهيڙا گڏ، قصو کل ئي کل، هولي ڇو ٿي ڪجي؟، گلستان (سنڌي ۾ 3 حصا)، ڪافين جو وڏو ڪتاب، ڪافين جو ننڍو ڪتاب، ڪافين جا ننڍا ويهه حصا، قصو هير رانجهو حمل وارو، رسالو نصيحت، اندر جال ننڍو، قصو گهوٽ ماءُ ڪنوار ماءُ، جهڳڙو ٻن سيڻن جو، عجيب ٺڳي، قصو شاهه بهرام، قصو گل بڪاولي، قصو حاتم طائي، قصو ممتاز دمساز، ڏيڍ ٺڳ، قصو راڻي بي ترس جو، قصو گل منير جو، قصو بانڪو بهرام، مجموعه خطبا (12 مهينا)، وڏو استغفار، جنگ نامو، نور نامو سنڌي (ابو الحسن وارو)، مجمع الفوائدتعويذات، ضياءَ الجفر، هرڻيءَ جو معجزو، بهشت نامو، قيامت نامو ۽ دعا گنج العرش وغيره شامل آهن. هي ڪتاب ڪيئي ڀيرا ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کان علاوه شولداس پنهنجي ڀاءُ پوڪرداس جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا هئا.


لفظ شولداس ٿانورداس تاجر ڪتبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو